لاڙڪاڻي جي رحمتپور پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽلن مان گرفتار ڪيل شاگردن جي عزيزن ۽ دوستن کان ٻيهر هاسٽلن ۾ نه رهڻ

chandka hostel

لاڙڪاڻي جي رحمتپور پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج  جي هاسٽلن مان گرفتار ڪيل شاگردن جي عزيزن ۽ دوستن کان ٻيهر هاسٽلن ۾ نه رهڻ بابت قسم نامو لکرائڻ بعد کين آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب گرفتار ٿيل ماڻهن قسم نامي ۾ لکي ڏنو آهي ته اڳتي هو پنهنجي عزيز شاگردن سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽلن ۾ نه رهندا، جنهن کان پوءِ کين آزاد ڪيو ويو آهي.

 گذريل رات پوليس ۽ رينجرز چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽلن تي چڙهائي ڪري 40  کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو، جن کي رحتپور پوليس حراست ۾ رکيو هو.

پرنسپال ڪي داس چيو ته پوليس ۽ رينجرز هاسٽلن ۾ ڪارروائي بابت آگاهه ڪيو هو، ڪجهه گرفتاريون ٿيون هيون، جن کي پوليس پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*