لاڙڪاڻي ۾ مقتول مختيار بليدي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گسٽا پاران علامتي بک هڙتال ڪئي

larkana gsta ahtjaj

لاڙڪاڻي ۾ مقتول مختيار بليدي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گسٽا پاران علامتي بک هڙتال ڪئي.

 استادن جي ايم ابڙي ۽ احسان علي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 29 ڏينهن اڳ استاد اڳواڻ مختيار بليدي کي ڳوٺ گَٽهڙ ڀرسان هٿياربندن بيدردي سان قتل ڪيو، جنهن جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس اڃا تائين مک جوابدارن کي گرفتار  ناهي ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ته استاد اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*