سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو مقتولا رشيده بيبي جي قتل الزام ۾ گرفتار جوابدار عباس شاهه

 larkana high court

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو مقتولا رشيده بيبي جي قتل الزام ۾ گرفتار جوابدار عباس شاهه کي پيرشير پوليس پاران آزاد ڪرڻ خلاف درخواست تي ايس ايس پي ۽ پير شير ٿاڻي جي معطل ٿيل اڳوڻي ايس ايڇ او نور محمد مغيري کي جوابدار سميت 21 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ۾ مقتولا عورت جي ڀاءَ ضمير شاهه جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس ايس پي ۽ پير شير ٿاڻي جي معطل ٿيل اڳوڻي ايس ايڇ او نور محمد مغيري کي جوابدار عباس شاهه سميت 21 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڳوٺ بچل شاهه ۾ 3 مهينا اڳ جوابدارن مسمات رشيده بيبي کي قتل ڪيو هو، پوليس قتل الزام هيٺ عباس شاهه کي گرفتار ڪرڻ بعد رشوٽ وٺي کيس آزاد ڪيو هو، جنهن خلاف مقتولا عورت جي ڀاءَ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*