ميهڙ پوليس 62 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ناري نائله سيال کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

naila siyal

ميهڙ پوليس 62 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ناري نائله سيال کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ناري جو چوڻ آهي ته جوابدار اياز سوڍر اغوا بعد کيس ساٿين سان گڏجي ڏاڍائي ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو.

 پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار اياز سوڍر جو فون نمبر ٽريس ڪري حيدرآباد مان ناري نائله سيال کي بازياب ڪرايو ويو.

ناري نائله سيال پوليس کي ٻڌايو ته جوابدار اياز سوڍر کيس اغوا ڪرڻ بعد ساٿي خليل ديرو سان گڏجي کيس ڏاڍائي سان گڏ تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو.

ناري جي اغوا جي ايف آءِ آر ۾ اياز سوڍر، ان جي زال عابده ۽ خليل ديرو اڳ ئي نامزد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*