نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ وارن جون هاڻ ننڊون حرام ٿينديون

daniyal aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ وارن جون هاڻ ننڊون حرام ٿينديون. سپريم ڪورٽ ۾ انهن خلاف پٽيشنز داخل ٿيون آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان توهان جو وقت اچي ويو آهي، اخلاق سيکارينداسين.

هن چيو ته عمران خان جواب نه ڏئي سگهندو آهي ته بداخلاقي تي لهي ايندو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيس اليڪشن ڪميشن اماڻڻ کان انڪار ڪيو.

دانيال عزيز چيو ته سپريم ڪورٽ چيو ته عمران خلاف ڪيس عدالت ئي ٻڌني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*