جعفرآباد ۾ ڊيرا بگٽي گئس فيلڊ جي ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال

جعفرآباد ۾ او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري خلاف ڊيرا بگٽي گئس فيلڊ جي ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري گو نواز گو جا نعرا هنيا ويا.

گئس فيلڊ جي يونين اڳواڻ الطاف بگٽي، طفيل احمد حاجاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري گو نواز گو جا نعرا هنيا ويا.

ملازمن چيو آهي ته موجوده حڪومت ملازم دوست نه پر دشمن آهي، او جي ڊي کي خانگائي هزارين ملازمن کي بيروز گار بڻايو پيو وڃي،  جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

ملازمن حڪومت کي آڇ ڪئي ته او جي ڊي سي ايل جا هزارين ملازمحڪومت کي 70 ارب رپيا عطئي طور ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پر ڪنهن به صورت ۾ او جي ڊي سي ايل کي خانگائڻ نه ڏنو ويندو.

ملازمن مطالبو ڪيو ته او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري واري فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*