تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن لاءِ شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ چار رڪني پارلياماني بورڊ قائم ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف، سينيٽ چونڊن لاءِ شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ چار رڪني پارلياماني بورڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي سينيٽرشپ لاءِ سراج الحق ۽ پروفيسر ابراهيم جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن.

تحريڪ انصاف جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين، شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ 4 رڪني پارلياماني بورڊ قائم  ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، ڪي پي ڪي جو ثقافت وارو وزير شاهه فرمان ۽ تعليم وارو وزير عاطف خان شامل هوندا، جڏهن ته بورڊ ۾ عورتن جي نمائندگي نسيم عنايت ڪندي.

هوڏانهن جماعت اسلامي پڻ سينيٽ چونڊن لاءِ سراج الحق ۽ پروفيسر ابراهيم جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن.

جماعت اسلامي جي ترجمان موجب، ٻنهي نالن مان ڪنهن هڪ کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ملڻ جو امڪان آهي، جنهن جي منظوري پارلياماني بورڊ ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*