اليڪشن ٽربيونل ڌانڌلي بابت درخواست تي عمران خان ۽ اياز صادق جي وڪيلن کي حتمي بحث لاءِ 14 فيبروري تي طلب ڪري ورتو

اليڪشن ٽربيونل لاهور، اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلي بابت درخواست تي عمران خان ۽ سردار اياز صادق جي وڪيلن کي حتمي بحث لاءِ 14 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي، سردار اياز صادق، ڌانڌلي بابت الزامن کي بـَي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته پـِي ٽـِي آءِ سربراهه جوڳا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ سان کيس 8 هزار ووٽن سان ڪاميابي ملي آهي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه جسٽس ريٽائرڊ ڪاظم ملڪ، اين اي هڪ سئو 22 تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ڪاميابي خلاف هارايل اميدوار عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اليڪشن ٽربيونل جي هدايتن تي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ سچ ڳالهائڻ جو قسم کنيو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمران خان جا ڌانڌلي بابت الزام بي بنياد آهن، پي ٽي آءِ سربراهه ڌانڌلي بابت جوڳا ثبوت پيش ڪرڻ ۾  ناڪام ويو آهي.

سردار اياز صادق چيو ته اين اي هڪ سئو 22 تي چونڊ صاف ۽ شفاف هئي، کيس عوام چونڊيو آهي، هــــــُو ڌانڌلي جو سوچي به نٿو سگهي.

هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل جي حڪم تي لوڪل ڪميشن پاران مڪمل ڪيل رپورٽ موجب به کيس 8 هزار ووٽن سان ڪاميابي ملي آهي.

اليڪشن ٽربيونل، سردار اياز صادق جو بيان رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي حتمي بحث لاءِ 14 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي.

بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هـِن وقت ڪيس اليڪشن ٽربيونل ۾ هلي رهيو آهي، ان ڪري هـُو سياسي بيان نه ڏيندو.

سردار اياز صادق چيو ته سندس هڪ سئو 28 ڏينهن کان ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، هن پنهنجو ڪيس الله تعاليٰ آڏو رکيو آهي، کيس اميد آهي ته ساڻس انصاف ٿيندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اين اي هڪ سئو 22 شينهن جو تڪ آهي، 2018 تائين هـــُو اسپيڪر جي عهدي تي ڪم ڪندو رهندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سردار اياز صادق چيو ته 50 سال اڳ هاڪي کيڏندي عمران نيازي کي منهن ۾ ڌڪ لڳي ويو هو ۽ عمران خان 50 سال پراڻي ڳالهه ذهن ۾ رکيو ويٺو آهي، ان ڪري مٿس الزام لڳائي رهيو آهي.

ان کان اڳ سردار اياز صادق جي اليڪشن ٽربيونل ۾ پيشيءَ دوران مسلم ليگ نون ۽ پـِي ٽـِي آءِ ڪارڪنن پاران هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

مسلم ليگ ن جي عورت ڪارڪن “رو عمران رو” بدران گو نواز گو جا نعرا هڻندي رهي، ميڊيا جي نمائندي پاران ياد ڏيارڻ بعد عورت شرمنده ٿي معافي معافي گـــــُهري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*