آءِ سي سي سعيد اجمل جو بالنگ ايڪشن قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

آءِ سي سي سعيد اجمل جو بالنگ ايڪشن قانوني قرار ڏيندي کيس عالمي ڪرڪيٽ ميچز ۾ بالنگ ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سعيد اجمل چيو آهي ته هو ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ دستاب نه هوندو، سندس نظرون بنگلاديش خلاف سيريز تي آهن.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، 24 جنوري تي ڀارت جي شهر چنائي ۾ ٿيل بائيو مڪينڪ ٽيسٽ جي رپورٽ تحت سعيد اجمل جو بالنگ ايڪشن قانوني آهي.

آءِ سي سي موجب، دوسرا سميت سعيد اجمل جي سموري بالنگ ورائٽي قانون جي دائري ۾ اچي ٿي، ان ڪري اجمل عالمي ڪرڪيٽ ميچز ۾ بالنگ ڪرائي سگهي ٿو.

اجازت ملڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد اجمل چيو ته خبر ٻڌي سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن، هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، قوم ۽ پنهنجي والدين جو ٿورائتو آهي.

سعيد اجمل چيو ته هـُو ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ تيار ناهي پر جيڪڏهن سليڪٽرز مٿس اعتماد ڪري موڪليو ته هو ضرور شرڪت ڪندو.

هن چيو ته بالنگ ايڪشن صحيح ڪرڻ لاءِ هن وڏي محنت ڪئي آهي، کيس اميد آهي ته هو پنهنجي مداحن جي اميدن تي پورو لهندو، سندس نظرون بنگلاديش خلاف ٿيندڙ سيريز تي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*