مردان ۾ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، نتيجي ۾ 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا

خيبرپختوخواهه جي شهر مردان ۾ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر کانپوءِ گاڏي کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن.

پوليس موجب، باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت سڙي فوت ٿي ويا.

پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو  آهي، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*