ترقي ۽ رٿابندي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڀاشا ڊئم جي اڏاوت ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

national assembly

ترقي ۽ رٿابندي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڀاشا ڊئم جي اڏاوت ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، واپڊا چيئرمين بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ڀاشا ڊيم جي تعميراتي لاڳت اصل لاڳت کان پنج کرب رپين کان به وڌي وئي آهي.

رٿابندي ۽ ترقي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران واپڊا چيئرمين مزمل حسين ڀاشا ڊئم جي اڏاوت ۾ دير بابت بريفنگ ڏني.

واپڊا چئرمين چيو ته ڀاشا ڊيم لاءِ زمين جي خريداري وارو ڪم جاري آهي، ڊيم جي تعميراتي لاڳت ۾ 506 ارب رپين جي واڌ ٿي چڪي آهي.

مزمل حسين چيو آهي ته ڀاشا ڊيم جي تعميراتي لاڳت 894 ارب رپيا هئي. جڏهن ته هاڻ اها لاڳت وڌي  1400 ارب رپيا ٿي چڪي آهي.

واپڊا چيئرمين چيو آهي ته ڀاشا ڊيم جو پي سي ون جولائي 2009ع ۾ منظور ٿيو هو، ڀاشا ڊيم جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ سان 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*