واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف پيغام يونين جي اڳواڻن سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

سکر ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف واپڊا پيغام يونين جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

پيغام يونين سنڌ جي صدر ساجن پهنور، بشير ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپڊا منافعو  ڏيندڙ ادارو آهي ان جي نجڪاري ڪئي وئي ته هو  احتجاج ڪري سڄي ملڪ جي بجلي بند ڪري ڇڏيندا.

هنن چيو ته ماضي ۾ به اداري کي خانگائڻ  جون سازشون ڪيون ويون پر ورڪرز  جدوجهد ڪري سازشن کي ناڪام بڻايو.

هنن مطالبو ڪيو ته  واپڊا کي خانگائڻ کان پاسو ڪيو  وڃي،ٻي صورت ۾ هو احتجاج  جو دائرو وسيع ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*