ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو 27 ارب 13 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بجيٽ پيش ڪيو ويو

Waseem-Akhtar-23117

ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو 27 ارب 13 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بجيٽ پيش ڪيو ويو، ڪراچي جي ميئر وسيم ختر چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي رويي باوجود 17-2016 دوران شهر لاءِ 4 ارب رپين جون اسڪيمون رکيون ويون.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر پاران سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين مالي سان2017-18 جو 27 ارب ساڍا 13 ڪروڙ ۽ 6 لک 70 هزار رپين جو بجيٽ پيش ڪيو ويو.

بيجٽ پيش ڪرڻ دوران وسيم اختر چيو ته هنن بجيٽ وچٿري ۽ حقيقت تي ٻڌل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي.

ڪراچي جي ميئر چيو ته ڏکيائين باوجود 13 ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ پيش ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ 750 ارب ملين رپيا چونڊيل نمائندن جي تجويز ڪيل رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ ارب رپيا يونين ڪميٽي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته 8 ارب رپيا نون منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪا جاري منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي.

ڪراچي جي ميئر چيو ته يونين ڪيمٽي جي چيئرمين کي به اهميت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ انهن جي منصوبن لاءِ پوڻا 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

وسيم ختر چيو ته سنڌ سرڪار جي رويي باوجود 17-2016 دوران شهر لاءِ 4 ارب رپين جون اسڪيمون رکيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*