چَمبڙ جي چاڪر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي ڌرڻو هڻي زنجيرن سان ماتم ڪيو

chambar

 چَمبڙ جي چاڪر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي ڌرڻو هڻي زنجيرن سان ماتم ڪيو.

چاڪر شاخ جي آبادگارن اڪرم رند، رحيم رند، منور رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چمبڙ ٿاڻي سامھون احتجاجي ڌرڻو هڻي زنجيرن سان ماتم ڪري آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي.

آبادگارن جي ڌرڻي سبب ٽنڊوالهيار، ٽنڊو غلام علي ۽ سنجر چانگ ويندڙ روڊن تي ٽريفڪ معطل رهي.

 ان موقعي تي آبادگارن ٻڌايو ته گذريل پنجن مھينن کان شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پھچڻ سبب ھو معاشي طور تباھ ٿي رهيا آھن.

ھنن چيو ته جيستائين کين ڪو ذميوار عملدار خاطري نٿو ڪرائي ان وقت تائين سندن احتجاج جاري رھندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*