پيرجوڳوٺ ويجهو هٿياربندن سکر ويندڙ دڪاندار عبدالغفار پنهور ۽ ساجد سهتو کي يرغمال بنائي 50 هزار روپيه روڪ موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو

pir-jo-goth-map-3-8

 پيرجوڳوٺ  ويجهو هٿياربندن سکر ويندڙ دڪاندار عبدالغفار پنهور ۽ ساجد سهتو کي يرغمال بنائي 50 هزار روپيه روڪ موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، ٻٻرلوءِ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻٻرلوءِ پوليس ٺيڙهي موڙ وٽ پهچي ڪارروائي ڪري ڦورو فيروز علي چانڊيو ۽ ولي محمد چانڊيو کي کجين جي باغ مان گرفتار ڪري ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب گرفتار ٿيل ڦورو فيروز علي چانڊيو پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل آهي، سکر ۾ ڊيوٽي ڪندڙآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*