سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي رڪارڊ ۾ ڦير گهير جي جاچ ايف آءِ حوالي ڪري ڇڏي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي رڪارڊ ۾ ڦير گهير جي جاچ ايف آءِ حوالي  ڪري ڇڏي، عدالت اٽارني جنرل ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اوهين سرڪار جي ماڻهن کي سمجهايو ته عدليه خلاف مهم بند ڪن، آءِ بي پاران جي آءِ ٽي ميمبرن جو رڪارڊ گڏ ڪرڻ حراسان ڪرڻ برابر آهي، عدليه مناسب وقت تي حڪم جاري ڪندي.

پاناما عملدرآمد ڪيس جي نگراني لاءِ جڙيل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ آڏو جي آءِ ٽي جي شڪايتن جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ ايس اي سي پي جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عدليه خلاف مهم هلائي پئي، عوامي عهدا رکندڙ ماڻهو عدليه مٿان حملا ڪري رهيا آهن، 8 کان 9 ماڻهو مختلف چئنلز تي ويهي عدليه مٿان حملا ڪري رهيا آهن.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدليه جي حدن جو تعين ميڊيا يا ڪو ٻيو نه ڪندو، اسان کي ڪنهن جي اثر ۾ سمجهندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته جي آءِ ٽي سان سهڪار نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اسين صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون پر صبر جي به هڪ حد هوندي آهي.

جسٽس عظمت سعيد هڪ انگريزي اخبار جو حوالو ڏيندي چيو ته عدالت کي اهڙي خبرن سان ڪو فرق نه پوندو.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هاڻ مخصوص شيون نه پر هر شئي ليڪ ٿي رهي آهي، اسان جي سمورين شين تي نظر آهي، معاملو جي آءِ ٽي ۽ عدالت جو آهي، مناسب وقت تي حڪم ڏينداسين.

عدالت جي آءِ ٽي ميمبرن کي ميمبر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏيندي چيو ته هو هوڏانهن هيڏانهن ڏسڻ بدران پنهنجو ڪم جاري رکن.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته آءِ بي کي جي آءِ ٽي ميمبرن جي مانيٽرنگ جو اختيار ڪنهن ڏنو هو، اسان ڀرتيون نه ڪيون پر جي آءِ ٽي مقرر ڪئي هئي، اهو سڌو سنئون ميمبرن کي حراسان ڪرڻ آهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته آءِ بي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، آءِ بي جو ڪم رياست لاءِ هجڻ گهرجي نه پر ڪنهن شخص لاءِ هجڻ گهرجي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته جي آءِ ٽي سان سهڪار نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*