سنڌ حڪومت پاران ٿر جي ڏڪار متاثرن لاءِ ڏنل امدادي ڪڻڪ جي ورھاست نه ٿي سگھي آهي

mithi karnk

سنڌ حڪومت  پاران ٿر جي  ڏڪار متاثرن لاءِ ڏنل امدادي ڪڻڪ  جي ورھاست نه ٿي سگھي آهي،81 ھزار ٻوريون گذريل هڪ مهيني کان مٺي۽  ٿر جي ٻين علائقن ۾خوراڪ کاتي جي گدامن ۾پيل آهن، جن مان هزارين ٻوريون کليل آسمان هيٺ پيل هئڻ جي ڪري برساتن دوران خراب ٿيڻ جو خدشوآهي.

سنڌ حڪومت پاران ٿر جي ڏڪار متاثر پوڻا ٽي لک ڪٽنبن  لاءِ ڏنل امدادي ڪڻڪ جي ورهاست انتظامي بي ڌياني سبب گذريل هڪ مهيني کان رولڙي جو شڪار آهي.

امدادي ڪڻڪ جون 81 هزار ٻوريون مٺي سميت ٿر جي مختلف گدامن ۾ هڪ مهيني کان رکيل آهن، جن مان هزارين ٻوريون کليل آسمان هيٺ پيل آهن، جيڪي برساتن ۾ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

سنڌ حڪومت پاران ٿر جي ڏڪار متاثر 2 لک 87 هزار 946 خاندانن لاءِ ٻه لک 87 هزار 946 امدادي ڪڻڪ جون هڪ سئو ڪلو واريون ٻوريون مفت ۾ ڏيڍ مهينو اڳ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ انتظاميا کي رمضان شريف جي مهيني دوران ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر  انتظامي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب اڃان تائين ورهاست نه ٿي سگهي آهي.

هڪ طرف اعلانيل امدادي ڪڻڪ ورهاست نه ٿيڻ ڪري سڙي خراب ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي غريب مارو ماڻهو بکون  ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن.

ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي ڏڪار دوران امدادي ڪڻڪ فوڊ گدامن کان ڳوٺن تائين پهچائڻ جي مد ۾ ٿر جي ٽرانسپورٽرن جا سرڪار ڏانهن ساڍا 3 ڪروڙ رپيا رهيل آهن،جيڪي پڻ اڃان تائين نه ملي سگهيا آهن.

خوراڪ کاتي ٿرپارڪر جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هنن حڪومت جي هدايت تي ٿر جي فوڊ گدامن ۾ ڪڻڪ جون 81 هزار ٻوريون اسٽاڪ ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي ضلعي انتظاميا جي مرضي آهي ته اها  ورهاست ڪڏهن ٿي ڪرائي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*