سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ پوليس ۾ پيٽرول بلز جي مد ۾ ڪرپشن واري ريفرنس ۾ اي آءِ جي فدا حسين شاهه ۽ تنوير احمد طاهر جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ پوليس ۾ پيٽرول بلز جي مد ۾ ڪرپشن واري ريفرنس ۾ اي آءِ جي فدا حسين شاهه ۽ تنوير احمد طاهر جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽرول بلز جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي دوران اي آءِ جي فدا حسين ۽ تنوير احمد طاهر عدالت آڏو پيش ٿيا.

عدالت ٻنهي پوليس عملدارن جون ضمانت واريون درخواستن تي سندن وڪيل ۽ نيب جي وڪيل جا دليل ٻڌا.

عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد اي آءِ جي فدا حسين شاهه ۽ ٻين پاران داخل ڪيل ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

نيب سنڌ پوليس کي ملندڙ پيٽرول جي فنڊز ۾ 5 ڪروڙ رپين جي مالي گهوٻين واري مامري جو ريفرنس داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ اي آءِ جي فدا حسين ۽ تنوير احمد طاهر نامزد ٿيل آهن.

نيب جو چوڻ آهي ته پوليس کاتي ۾ پيٽرول بلز جي مد ۾ 5 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو ويو.

ريفرنس موجب ڪرپشن جي رقم سي اين جي اسٽيشن جي نالي تي جاري ڪئي وئي پر پوليس کي پيٽرول نه مليو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*