ڊيرا الهيار ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڦاسي پيل اٺ کي شهرين ڪجهه ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڇڏائي ورتو

dera alhayar camel

ڊيرا الهيار ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڦاسي پيل اٺ کي شهرين ڪجهه ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڇڏائي ورتو، اسٽيشن ماسٽر اٺ کي ذبح ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

ڊيرا الهيار ۾ ريلوي ٽريڪ ڪراس ڪندي اٺ جو پير ڦاسي پيو، جنهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو.

ريلوي ٽريڪ تي اٺ ڦاسڻ سبب پنجاب کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي متبادل ٽريڪ ذريعي منزل طرف روانو ڪيو ويو.

شهرين پاران رابطو ڪرڻ تي ريلوي جي اسٽيشن ماسٽر ۽ ريلوي انتظاميا شهرين کي اٺ  کي ذبع ڪري ان کي ٻاهر ڪڍڻ جو مشورو ڏنو.

شهرين ڪجهه ڪلاڪن جي ڪوششن بعد اٺ کي ڇڏائي ورتو، شهرين ڊي ايس ريلوي کان مطالبو ڪيو آهي ته لاپرواهي ڪندڙ اسٽيشن ماسٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*