خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان لڳل گهارو 5 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو

خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڊسٽري ڪئنال کي لڳل گهارو 5 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته آبپاشي عملو به اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتو آهي.

خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان نارا ڊسٽري کي ڳوٺ مير حسن گاڏهي کان اولهه پاسي 50 فوٽ گھارو لڳو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گنجائش کان وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ سبب ڪئنال کي گهارو لڳو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*