ايم ڪيو ايم پاران ڀتي خوري جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن، پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري

تحريڪ انصاف جـِي مرڪزي ترجمان شيرين مزاري، بلديه سانحي جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشافن کانپوءِ مطالبو  ڪيو آهي ته رياست، سياست جو نقاب اوڍي  ويٺل ايم ڪيو ايم کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ۽ سياسي مافيا جي سربراهه کي ڏيهه واپس آڻي غريب پورهيتن جي قتل جو ڪيس هلايو وڃي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان شيرين مزاري چيو ته کيس بلديه سانحي بابت گڏيل جاچ رپورٽ جي انڪشافن تي کيس وڏو صدمو رسيو آهي.

هن چيو ته جاچ رپورٽ موجب، ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳواڻ فيڪٽري جي مالڪ کان 20 ڪروڙ رپيا ڀتو گهريو هو.

شيرين مزاري چيو ته ايم ڪيو ايم پاران ڀتي خوري جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن پر بلديه فيڪٽري سانحو انتهائي ڀيانڪ آهي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته حڪومت سياست جو نقاب اوڍي ويٺل سياسي مافيا جي سربراهه کي ڏيهه واپس آڻي غريب پورهيتن جي قتل جو ڪيس هلائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*