ڀارت کي تاريخي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان جي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ۽ رومان رئيس آءِ سي سي چيمپنز ٽرافي سميت ڪراچي پهچي ويا آهن

Sarfraz-Cricket-20617

ڀارت کي تاريخي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان جي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ۽ رومان رئيس آءِ سي سي چيمپنز ٽرافي سميت ڪراچي پهچي ويا آهن، قومي هيروز جي سنڌي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ پارائي شاندار آجيان ڪئي وئي.

لنڊن ۾ آءِ سي سي چيمپينز ٽرافي جي پاڪستان ٽيم پاران کٽڻ کان پوءِ قومي ٽيم پاران ڏيهه پهچڻ جو سلسلو جاري آهي .

قومي ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد خان ۽ رومان رئيس ڪراچي ائيرپور ٽ پهتا ته ماڻهن جو سمنڊ سندن اسقبال لاءِ موجود هو.

گور نرسنڌ محمد زبير خان، ميئر ڪراچي وسيم اختر، صوبائي وزير رانديون محمد بخش مهر، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ پي ٽي آءِ ، ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميبرن قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ رانديگر رومان رئيس جو شاندار استقبال ڪندي کيس سنڌي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو ويو.

قومي ٽيم جي آڌر ڀاءُ لاءِ ڪراچي ائيرپورٽ تي هزارين ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته سخت رينجرز ۽ پوليس جي پهري هيٺ قومي هيروز کي گهر آندو ويو.

Sarfraz-Cricket--Home-ICC-CP--20617

قومي ٽيم جي هيروز جي گهرن ۾ پهچڻ تي به مٽن، مائٽن ۽ دوستن پاران آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي جذباتي منظر به ڏسڻ ۾ آيا.

هر پاسي پاڪستان زنده باد ۽ قومي ٽيم زنده باد جا نعرا گونجندا رهيا، سرفراز گهر جي بالڪني مان هٿ لوڏي ۽ ٽرافي ڏيکاري ماڻهن جي نعرن جو جواب ڏنو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو آهي ته پاڪستاني عوام  جي دعائن سبب هو ڪامياب ٿيا.

هن چيو ته رانديگرن هر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي ملي.

 قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته سينيرز تمام  زبردست پرفارم ڪيو، هو ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ سٺي پرفارمنس ڏيکاريندا.

هن چيو ته 2019ع جي ورلڊ ڪپ جون ڀرپور تياريون ڪيون پيون وڃن، سندن ڪوشش آهي ته سوشل ميڊيا تي ڌيان نه ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*