ڀارت کي تاريخي شڪست ڏيڻ کان پوءِ قومي ٽيم جا چار رانديگر لاهور پهچي ويا

Pakistan Cricket Team Lahore - 20617

ڀارت کي تاريخي شڪست ڏيڻ کان پوءِ قومي ٽيم جا چار رانديگر لاهور پهچي ويا، رانديگرن مٿان گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو.

رات دير سان اوول جي ميدان ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏيڻ کانپوءِ قومي ٽيم جا رانديگر حسن علي، بابر اعظم، احمد شهزاد ۽ فهيم اشرف دبئي کان لاهور پهتا.

پنجاب جي صوبائي راڻا مشهود ۽ جهانگير خانزاده، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر لاهور ۽ ٻين  ايئرپورٽ تي قومي رانديگرن جو شاندار استقبال ڪيو.

قومي ٽيم جي رانديگرن جي پهچڻ جي موقعي تي ايئرپورٽ تي پاڪستان زنده باد جا نعرا به هنيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*