غوثپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن ڳوٺ ويندڙ ٻن نوجوانن کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو

ghouspur21-8

غوثپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن ڳوٺ ويندڙ ٻن نوجوانن کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو.

  انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن خير محمد بروهي ۽ راشد قريشي سميت ٻين کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نوجوانن مزاحمت ڪئي.

 پوليس موجب هٿياربندن مزاحمت تي  فائرنگ ڪري نوجوان خيرمحمد بروهي  ۽ راشد قريشي  کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

 پوليس ٻنهي مقتول نوجوانن جا لاش ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب هٿياربندن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف علائقن ۾ ڪارروايون شرپع ڪيون ويون آهن، جڏهن ته واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک واري صورتحال پکڙيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*