گڏيل قومن پاڪستان کي دنيا جو ٻيون نمبر پناهه ڏيندڙ ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته هن وقت دنيا ۾ ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو پناهگير آهن

refugess

گڏيل قومن پاڪستان کي دنيا جو ٻيون نمبر پناهه ڏيندڙ ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته هن وقت دنيا ۾ ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو پناهگير آهن، جيڪي پنهجي ئي ملڪ ۾ بي گهر آهن.

گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جي رپورٽ موجب 2015 جي مقابلي ۾ 2016 دوران ٽي لک ماڻهن جي واڌ ٿي آهي، جڏهن ته 15-2014 جي مقابلي ۾ اهو انگ تمام گهٽ آهي، جنهن دوران 50 لک ماڻهو بي گهر ٿيا هئا.

گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري جي هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي جو چوڻ آهي ته پناهگيرن جو مسئلو عالمي سفارتڪاري جي ناڪامي آهي ۽ لڳي ٿو ته دنيا امن قائم ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي

هن چيو ته پراڻا تڪرار هلندا پيا اچن ۽ نوان تڪرار به پيدا ٿين پيا، جن سبب ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهن، جبري دربدري ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ جنگن جي علامت آهي.

پناهگرين بابت هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته پناهگيرن جو بار غريب ملڪن تي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته 80 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق غريب ۽ وچٿري آمدني وارن ملڪن سان آهي.

هن چيو ته هو آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي گهٽ وسيلن وارن ملڪن کي ڪئين ٿو چئي سگهي ته هو پناهگيرن قبول ڪن جڏهن ته امير ملڪ      ان کان انڪاري آهن.

گڏيل قومن، پاڪستان کي دنيا جو ٻيون نمبر پناهگيرن جو ملڪ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان 14 لک مهاجرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جن ۾ سڀ لوڏ انگ افغانين جو شامل آهي.

 گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هن وقت دنيا ۾ ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو پناهگير آهن، جيڪي پنهجي ئي ملڪ ۾ بي گهر آهن يا رهائش جي ڳولا ۾ آهن.

گڏيل قومن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان رپورٽ کانپوءِ امير ملڪن کي سوچڻ جو موقعو ملندو ته هو ان رڳو پناهگيرن کي قبول ڪن پر امن کي هٿي وٺرائڻ بنيادي ڍانچي  جي تعمير ۾ به حصو وٺن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*