ڪوٽ غلام محمد ۾ ايل بي او ڊي جي ڪَچن ملازمن ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو

kgm protest

ڪوٽ غلام محمد ۾ ايل بي او ڊي جي ڪَچن ملازمن ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ملازمن چيو آهي ته پگهارون نه ملڻ سبب هو عيد جي خريداري به نه ڪري سگهيا آهن.

ايل بي او ڊي جي ڪچن ملازمن اڪبر لنجواڻي، محمد قاسم، اعجاز ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايل بي او ڊي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن دانهيندي چيو ته عيد ويجهو هئڻ باوجود کين پگهارون نه مليون آهن، جنهن جي ڪري هو پنهنجي ٻچن لاءِ عيد جي خريداري به نه ڪري سگهياآهن.

هنن چيو ته ايس ڊي او کين ٻن مهينن کان بنا ڪنهن سبب جي پگهارن لاءِ رُلائي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين بنا دير جي پگهارون ڏئي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*