بلديا ٽائون سانحي جي ٻيهر اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، امير جماعت اسلامي سراج الحق

           جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته بلديا ٽائون سانحي جي ٻيهر اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سانحي جي جي آءِ ٽي ۾ ايم ڪيو ايم جو نالو شامل هجڻ بابت انڪشاف حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي، 3 سالن سان رپورٽ کي ڳجهه ۾ ڇو رکيو ويو، سمورين حقيقيتون سامهون آنديون وڃن.

ڪراچي ۾ علائقي ناظم آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج لاحق چيو ته سڄي ملڪ ۾ جلد مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن عوامي مسئلا حل ٿي سگهن، طاقتور طبقي جمهوريت ۽ عوام کي عرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته اختيارن جو هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ٺيڪ ناهي، سرڪاري ادارن ۾ سياسي مداخلت سبب عوام جسا جائز مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن.

سراج الحق چيو ته امريڪي صدر اوباما ڀاريت دوري دوران ڪشمير مسئلي تي رسمي طور به نه ڳالهايو، حڪومت اڃا تائين پرڏيهي وزير جو تعين نه ڪري سگهي آهي.

هن چيو ته دهشتگردن جي سڃاڻپ مذهب، نسل يا ونگ سان ناهي هوندي، عوام کي تحفظ فراهم ڪري حڪومت جي ذميواري هوندي آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو اهو به چوڻ هو ته هن ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وارن جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

سراج الحق چيو ته بلديا ٽائون سانحي جي ٻيهر اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ ٽن سالن تائين رپورٽ کي ڳجهي ۾ رکيو ويو، رپورٽ بابت سمورين حقيقتون سامهون آنديون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*