فلڪيات جي ماهرن اسانجي نظام شمسي کان ٻاهر موجود سيارن جي لسٽ ۾ 219 نوان سياره شامل ڪيا آهن

nasa new planet

فلڪيات جي ماهرن اسانجي نظام شمسي کان ٻاهر موجود سيارن جي لسٽ ۾ 219 نوان سياره شامل ڪيا آهن، جن مان 10 سياره اهڙا به آهن، جن جو گرمي پد ۽ حجم لڳ ڀڳ زمين سان هڪجهڙائي وارا آهن، جنهن ڪري انهن تي امڪاني طور تي زندگي جي موجودگي ٿي سگهي ٿي.

سائنسدانن اهي سياره امريڪي خلائي اداري ناسان جي ڪيپلر خلائي دوربين جي مدد سان ٻه لک تارن جي مشاهدي کانپوءِ دريافت ڪيا آهن، جن مان 10 سياره پٿريلا آهن، جيڪي پنهنجي تاري کان ايتري مفاصلي تي آهن، جيڪڏهن اتي پاڻي موجود آهي ته اهو پاڻياٺ جي صورت ۾ رهي سگهي ٿو ۽ سياستدانن جو چوڻ آهي پاڻياٺ جي صورت وارو پاڻي زندگي جي بنيادي ضرورت آهي.

ڪيپلر جي پروگرام سائنٽسٽ ماريو پيريز جو چوڻ آهي ته اسان لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا اسان اڪيلا آهيو، ڇا ڪائنات ۾ اسانجي سياري کانسواءِ به ڪٿي حياتي موجود آهي، ممڪن آهي ته ڪيپلر اڻسڌي طرح اسان کي اهو ٻڌائي رهي آهي ته اسان اڪيلا نه آهيون.

امريڪي خلائي اداري ناسا 2009 ۾ ڪيپلر دوربين جو پروگرام شروع ڪيو هو، جنهن جو مقصد اهو پتو لڳائڻ هو ته ڇا زمين جهڙا سياره تمام گهٽ ملن ٿا يا عام آهن، هاڻي انهن وٽ نتيجا چي ويا آهن ته هو ان سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا ته ڇا زمين کان ٻاهر ڪنهن ٻئي سياري تي زندگي ملڻ جا ڪي امڪان آهن يا نه؟

پنهنجي چا سالن جي مشن دوران ڪيپلر چار هزار کان وڌيڪ سياره دريافت ڪيا، ان ۾ 50 اهڙا آهن، جن جي سائيز ۽ گرمي پد زمين سان هڪجهڙائي رکي ٿو، انهن دريافت ڪيل سيارن ۾ ٻه طرحن جا جا سياره شامل آهن، هڪڙا اهڙا آهن، جن جي سطح زمين جهڙي سخت آهي يا پوءِ ٻيا وري اهڙا آهن، جيڪي مشتري جيان رڳو گيس تي ٻڌل آهن.

ڪيپلر پتو لڳايو آهي ته اهي سياره جيڪي زمين کان اٽڪل پوڻا ٻه ڀيرا وڏا يا ان کان ننڍا آهن، انهن جي سطح پٿريلي ٿئي ٿي، انهن کي سپر ارٿ چيو وڃي ٿو، جڏهن ته جيڪي سياره زمين کان ساڍا ٽي ڀيرا يا کان وڌيڪ وڏا آهن اهي عام طور نيپچون جيان گيس جي دز سان ڀريل هوندا آهن ۽ اهي مــِني نيپچون سڏجن ٿا.

نئين دريافت ۾ اچرج ۾ وجهندڙ شئي اها آهي ته اهي سياره اسان جي نظام شمسي ۾ دريافت نه ٿي سگهيا، جيتوڻيڪ سائنسدان پلوٽو کان پري هڪ ٻئي سياري جي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪو امڪاني طور تي ان قسم جو ٿي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*