رينجرز بلديا ٽائون سانحي جي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

رينجرز، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي جي علائقي بلديه ۾ گارمينٽس فيڪٽري کي لڳل باهه حادثو نه هو، سياسي پارٽي جي گروهه 20 ڪروڙ رپتا ڀتو نه ڏيڻ تي ڪيميڪل هاري فيڪٽري کي باهه ڏني  هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ آڏو رينجرز پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي هئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بلديه ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي لڳل باهه حادثو نه هو پر هڪ سياسي پارٽي سان واڳيل گروهه ڀتو نه ڏيڻ تي فيڪٽري مٿان ڪيميڪل هاري باهه ڏني هئي.

رپورٽ موجب، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري واقعي ۾ هڪ سياسي پارٽي جو گروهه ملوث آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس جي گڏيل جاچ ٽيم رپورٽ منظر عام تي آڻڻ بدران لڪائي ڇڏي، جنهن کي مفاهمت جو نالو ڏنو ويو.

واضح رهي ته بلديا واري علائقي ۾ اڍائي سال اڳ فيڪٽري کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ اڍائي سئو ماڻهو  سڙي فوت ٿي ويا هئا.

Comments

  1. zab baloch
    zab baloch 7 February, 2015, 12:05

    lanat hujay, kalhoki report Diji Diji aj halaai aa uha b adhori??? Buddi maro……….

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*