پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ فتح ٽيم اسپرٽ جو نتيجو آهي

sarfaraz ahmed

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ فتح ٽيم اسپرٽ جو نتيجو آهي ۽ هو پاڪستاني عوام کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، جن جون دعائن رنگ لاٿو.

چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم کي بري شڪست ڏئي قومي ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ۽ رومان روئس ڪراچي ايئرپورٽ پهتا.

سرفراز احمد پنهنجي گهر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي جومظآهرو ڪيو، جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي نصيب ٿي.

هن چيو ته سمورن رانديگرن ايونٽ ۾ شاندار پرفارمنس جومظاهرو ڪيو، جن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي ٽيم هٿان شڪست بعد ٽيم جي فيلِڊنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

ڪراچي ايئر پورٽ تي ڪپتان سرفراز احمد جو استقبال ڪرڻ لاءِ گورنر سنڌ، زبير احمد، ميئر ڪراچي وسيم اختر، راندين وارو صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ۽ ٻيا موجود هئا.

سرفراز احمد پنهنجي گهر بالڪوني مان مداحن کي هٿ لوڏي سندن نعرن جو جواب ڏنو.

ان موقعي تي سمورن مداحن پاران موقع موقع گاني تي سرفراز احمد پڻ انهن جو ساٿ ڏنو.

قومي ٽيم جا چار رانديگر جن ۾ احمد شهزاد، حسن علي، فهيم اشرف ۽ بابر اعظم لاهور ايئرپورٽ پهتا، جتي سندس شاندار آڌر ڀاءِ ڪيو ويو.

ذريعن مطابق سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب پنجاب جووڏو وزير شهباز شريف لاهور ايئر پورٽ اچڻ جو پروگرام ملتوي ڪيو.

عماد وسيم ۽ شاداب خان بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئر پورٽ اسلام آباد پهتا ۽ فخر زمان پشاور  جڏهن ته  حارث سهيل سيالڪوٽ پهتو، جتي سندن بهترين استقبال ڪيو ويو.

قومي ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عامر، جنيدخان، محمد حفيظ، شعيب ملڪ ۽ اظهر علي لنڊن ۾ ترسيل آهي،جتي هو ڪائونٽي ڪرڪيٽ جي ميچز ۾ شرڪت ڪندا ۽ ڪوچنگ اسٽاف پڻ پنهنجي ملڪن ڏانهن ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*