لعلورائنڪ ۾ خاصخيلي ۽ بخاري پاڙي جي رهواسين پاران گهرن مٿان 11 هزار بجلي جون تارون گذرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

lalurakin sepco pro

لعلورائنڪ ۾ خاصخيلي ۽ بخاري پاڙي جي رهواسين پاران گهرن مٿان 11 هزار بجلي جون تارون گذرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

علي اڪبر مغيري ۽ اياز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري لاڙڪاڻي روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل رات خاصخيلي پاڙي ۽ بخاري پاڙي جي گهرن مٿان يارنهن وولٽيج جون بجلي جون تارون ڪريون پيون آهن پر ڪو به نقصان نه ٿيو آهي.

هنن چيو ته بار بار شڪايتون ڪرڻ  باوجود سيپڪو انتظاميه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو.

هنن مطالبو ڪيو ته گهرن مٿان گذرندڙ بجلي جون 11 هزار تارون هٽايون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*