نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي توهين عدالت ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته عمران خان سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي

Supreme-Court-13716

نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي توهين عدالت ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته عمران خان سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي، هن عدالت جي توهين نه ڪئي آهي، انڪري سندس خلاف سازش جي جاچ جو حڪم ڏيندي شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سينيٽر نهال هاشمي پنهنجو جواب جمع ڪرايو.

سينيٽر نهال هاشمي پنهنجي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن هڪ تقرير ڪئي، جڏهن ته ميڊيا ان کي بار بار ڏيکاري ماحول تيار ڪيو، هن توهين عدالت نه ڪئي آهي.

نهال هاشمي چيو ته هو نواز ليگ جو ڪارڪن آهي ۽ 200 گز جي گهر ۾ رهندو آهي.

هن چيو ته عمران خان سندس تقرير کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، هو وفادار پاڪستاني آهي ۽ 30 ورهين کان وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي.

نهال هاشمي چيو ته سندس خلاف ٿيل سازش جي جاچ حڪم ڏئي جاري ٿيل شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.

هن چيو ته اٽارني جنرل بهادرآباد ٿاڻي تي مٿس ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ ان کي پراسڪيوٽر مقرر ڪرڻ تي حيرانگي آهي.

سينيٽر چيو ته هو قانون جي حڪمراني لاءِ جيل ڀوڳي چڪو آهي،  ڪراچي بار جو ميمبر هئڻ سبب عدليه جي بحالي واري تحريڪ ۾ حصو ورتو.

نهال هاشمي چيو ته سندس ڏاڏي کي برطانوي دور ۾ ڦاهي تي لٽڪايو ويو، سندس ڪٽنب برطانوي دور ۾ وڏي جدوجهد ڪئي.

نواز ليگ سينيٽر چيو ته ته عمران خان سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، مان عدالت جي توهين نه ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*