سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي شڪارپور جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي 14 سال ۽ سينئر آڊيٽر کي7سال قيد 34 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

Sukkur-Court-Ehtesab-31117

سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي شڪارپور جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي 14 سال  ۽ سينئر آڊيٽر کي7سال قيد  34 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت ۾ 2005 ۽ 2006 ۾ شڪارپور ضلعي جي استادن جي جي پي فنڊ ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي شڪارپور جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ممتاز علي ڪلوڙ کي 14 سال قيد 29 لک ڏنڊ جي سزا ڏني آهي.

عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سينئر آڊيٽر منير سومرو کي 5 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت پاران سزا ڏيڻ بعد پوليس سينئر آڊيٽر منير سومرو کي هٿڪڙيون هڻائي سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ممتاز علي ڪلوڙ پهريان ئي جيل ۾ قيد آهي.

 واضح رهي ته سال 2005 ۽ 2006 ۾ نيب شڪارپور ۾ استادن جي جي پي فنڊ ۾ ڪرپشن ڪرڻ تي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ممتاز علي ڪلوڙ ۽ سنيئر آڊيٽر منير سومرو سميت 6 آفيسرن خلاف 56 لک ڪرپشن جو ڪيس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايو هو.

ڪيس ۾ فاروق پنجابي روپوش آهي جڏهن ته 3 جوابدارن نور محمد اڄڻ، غلام سرور پٺاڻ ۽ شفيع محمد پٺاڻ نيب سان پلي بارگينگ ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*