جوهي ويجهو نوجوان ڪهاڙي جا وار ڪري پنهنجي امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو

dadu put qatal

جوهي ويجهو نوجوان ڪهاڙي جا وار ڪري پنهنجي امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارذهني ۽ جسماني معذورآهي.

ڳوٺ محبت لُنڊ ۾ نوجوان شيرل لنڊ ڪهاڙي جا وار ڪري پنهنجي پيرسن امڙ سڀائي کي قتل ڪري ڇڏيو،

جوهي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو.

جوهي پوليس موجب جوابدار ذهني ۽ جسماني طور معذور آهي، سندس امڙ پِني کيس پاليندي هئي.

 پوليس جو چوڻ آهي  ته گهر ۾ صرف مقتولا ۽ جوابدار رهندا هئا، ان ڪري واقعي جي سبب جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.

جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*