ميهڙ ۾بدامني خلاف واپارين ۽ٻين شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

mehr indus high way

ميهڙ ۾بدامني خلاف واپارين ۽ٻين  شهرين  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس کين تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، هو ڏوهارين کي ڀتو ڏيڻ تي مجبور آهن.

شهر جي واپاري اڳواڻ سڪندر مهيسر کان  ڦر ۽ ڀتي وٺڻ خلاف رائيس ملرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڏي تعداد ۾ واپارين ۽ ٻين شهرين راشد مهيسر،ساجد مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي پٿر رکي ، ٽائرن کي باهيون ڏئي ۽ شاميانا هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته ميهڙ ۾  بدامني وڌي وئي آهي،واپارين کان ڦرون معمول بڻيل آهي.

هنن چيو ته پوليس کين تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جي ڪري هو ڏوهارين کي ڀتو ڏيڻ تي مجبورآهن.

هنن گهر ڪئي ته ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاءِ  اثرائتا قدم کڻي واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*