جوهي ۾ بجلي ۽ گيس جي بندش خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،شهرين جو چوڻ آهي

johi gas loadsheeding

جوهي ۾ بجلي ۽ گيس جي بندش خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،شهرين جو چوڻ آهي ته سحري توڙي افطاري وقت غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب هو سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن.

مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ڪامريڊ يونس سولنگي، شوڪت باهوٽو، حيدر سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽيڪسي اسٽاپ آڏو جوهي- دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته   شهر ۾گيس ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته سحري ۽ افطاري توڙي رڌ پچاءُ جي وقتن تي بجلي ۽گيس غائب رهي ٿي، جنهن جي ڪري کين سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته بجلي ۽ گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*