سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ميمبرز کي حراسان ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي پاران رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ خلاف درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ميمبرز کي حراسان ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي پاران رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ خلاف درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي رڪارڊ ۾ هير ڦير ڪرڻ جي جاچ ڊي جي ايف آءِ اي حوالي ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي آءِ بي خلاف ڪارروائيءَ لاءِ اٽارني جنرل عدالت جي معاونت  ڪري، ضرورت پوڻ تي ڊي جي آءِ بي کي به طلب ڪري سگهجي ٿو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ بي تي سنگين نوعيت جا الزام هنيا ويا آهن، ڊي جي ايف آئي اي سييڪيورٽي ايڪسچنج ڪميشن جي رڪارڊ سان هٿ چراند واري معاملي جي جاچ ڪري ڪارروائي ڪري.

لکت واري فيصلي ۾ جي آءِ ٽي کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*