نيوز ليڪس معاملي تان عهدي تان هٽايل اڳوڻي پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين پنهنجي خلاف ٿيل ڪارروائيءَ کي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

ISB-high-Court-181016

نيوز ليڪس معاملي تان عهدي تان هٽايل اڳوڻي پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين پنهنجي خلاف ٿيل ڪارروائيءَ کي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، رائو تحسين چيو آهي ته  انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ حاصل ڪرڻ منهنجو حق آهي، عدالت رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

رائو تحسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزارت ۽ وزيراعظم جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيوز ليڪس جي ذميواري بناز جواز مٿس وڌي وئي آهي.

رائو تحسين موقف اختيار ڪيو آهي ته  انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ حاصل ڪرڻ منهنجو حق آهي، عدالت رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري

هن چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن جي فائنل رپورٽ ڏيکارڻ کانسواءِ کيس عهدي تان هٽائي ضابطي واري ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي ۽ 29 اپريل تي عهدي تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*