ميرپورماٿيلي ۾ سول اسپتال مان مبينا بيدخل ڪيل ٻارڙي جي والدين انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو

mirpur mathelo

ميرپورماٿيلي ۾ سول اسپتال مان مبينا بيدخل ڪيل ٻارڙي جي والدين انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو.

اوٻاوڙي جي رهواسي پورهيت اصغر ملڪ گهرواري ۽ بيمار ٻارڙي سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي سول اسپتال آڏو قومي شاهراه تي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ پورهيت جو چوڻ ھو ته سندس پٽ بيمار آھي جنهن کي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ٽن ڏينهن کان اسپتال ۾ رولايو پيو وڃي.

هن چيو ته ٽن ڏينهن کان اسان اسپتال جي لان تي رهيل هئاسين اڄ انتظاميه بيمار پٽ سميت اسپتال مان بيدخل ڪيو آهي، جيڪا وڏي زيادتي آھي.

مختيارڪار پهچي احتجاج ڪندڙ پورهيت سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*