سنڌ جي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال نوابشاهه جي لياقت مارڪيٽ، گولچڪرو ۽ موهڻي بازار جو دورو ڪري امن امان صورتحال جو جائزو ورتو

sohail anwer siyal

سنڌ جي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال نوابشاهه جي لياقت مارڪيٽ، گولچڪرو ۽ موهڻي بازار جو دورو ڪري امن امان صورتحال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڪي ٽي اين سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته منهنجي دوري جو مقصد امن امان صورتحال کي چيڪ ڪرڻ آهي.

هن چيو ته پهرين به عمر ڪوٽ، مير پور خاص، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ضلعن جا دورا ڪري امن امان جي صورتحال کي چيڪ ڪيو آهي.

صوبائي گهرو وزير چيو ماضي ۾ شڪار ضلعي مان 75 ماڻهو اغوا ٿيا هئا ۽ هاڻي صورتحال 99 سيڪڙو بهتر آهي.

 سهيل انور سيال چيو ته آءِ جي اي ڊي خواجه وارو معاملو ڪورٽ ۾ آهي، آءِ جي سان اسان جو ڪو مسئلو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*