ميرپورخاص ۾ آبپاشي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو

mirpur khas

ميرپورخاص ۾ آبپاشي ملازمن   پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو.

آبپاشي جي ملازمن اعجاز ڀرڳڙي، قاسم خاصخيلي، پرتاب لوهار، احمد مري۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته گذريل ٻن مهينن جون پگهارون اچڻ باوجود آفيسر پگهارون نه ڏيئي رهيا آهن، جيڪا زيادتي آهي.

 هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري آبپاشي ملازمن جي گهرن ۾ فاڪا ڪشي واري صورتحال آهي ۽ ملازمن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون جلد ادا ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*