دڙي ۾ بجلي بندش خلاف شهرين شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي دولهه دريا خان پل تي ڌرڻو هڻي نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي

darro pro

دڙي ۾ بجلي بندش خلاف شهرين شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي دولهه دريا خان پل تي ڌرڻو هڻي نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

شهر ۽ ان جي ڀر وارن ڳوٺن جي بجلي 9 ڏينهن کان بند هجڻ خلاف واپارين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين شهرين شٽر بند هڙتال ڪري رمضان لاکائي، اقبال، رشيد آزاد، حاجي عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ شهري مختلف گاڏين ۾ سوار ٿي دولهه دريا خان پل تي پهچي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

احتجاج دوران ٺٽو سجاول روڊ تي ڪيترائي ڪلاڪ  ٽريفڪ معطل رهي.

 اڳواڻن چيو ته ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي خاطرين باوجود بجلي بحال نه ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*