نيول چيف ايڊمرل ذڪاءُ الله چيو آهي ته شهيد جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون

zaka ullah navel cheif

نيول چيف  ايڊمرل ذڪاءُ الله چيو آهي ته شهيد جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا ۽ دهشتگردن کي امن خاطر انجام تائين پهچايو ويندو.

ايڊمرل ذڪاءُ الله جيواڻي ۾ شهيد ٿيل پاڪ  نيوي جي  اهلڪارن خليل مراد ۽ حسن رضا جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيول چيف چيو ته شهيدن اهلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا.

ايڊرمرل ذڪاءُ الله چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ دهشتگردن کي انجام تائين  پهچايو ويندو.

نيول چيف ايڊمرل ذڪاءُ الله شهيد جوانن جي وارثن سان ملاقات ڪري ڏک جو اظهار به ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*