سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدر آباد مذهب تبديل ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري رويتا جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

raveeta hindu case
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدر آباد مذهب تبديل ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري رويتا جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري رويتا ۽ سندس مڙش علي نواز شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ  حيدر آباد  ۾ پيش  ٿيا، جنهن دوران ناري کان بيان ورتو ويو.

ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته هن پنهنجي مرضي سان علي نواز شاهه سان شادي ڪئي آهي ۽ هوءَ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي.

ناري جي اهڙي بيان بعد عدالت ناري رويتا کي مڙس علي نواز شاهه سان وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ جوڙي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڪجهه ڏينهن اڳ جوڙي پاران پرڻو ڪرڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*