سنڌ هاءِ ڪورٽ، تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ جوابدار ڌر کي دليلن لاءِ ملهت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ، تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ جوابدار ڌر کي دليلن لاءِ ملهت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

تعليم کاتي ۾ ٿيل 13 هزار جعلي ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻو صوبائي وزير پير مظهرالحق ۽ ٻيا جوابدار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

نيب عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، جيڪا منظوري لاءِ نيب چيئرمين کي موڪلي وئي آهي.

ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر عدالت کان دليلن لاءِ مهلت گهري، جيڪا عدالت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جوابدارن تي تعليم کاتي ۾ پيسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*