پير ڳوٺ ۾ 2 هفتا اڳ شادي ڪندڙ ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي

pir jo goth

 پير ڳوٺ  ۾ 2 هفتا اڳ شادي ڪندڙ ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي، سندس وارثن طرفان قتل جو شڪ ظاهر ڪرڻ تي پوليس عورت جي ڏير کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ڪچي آبادي ڪالوني ۾ 2 هفتا اڳ شادي ڪندڙ ناري ثمينا سومرو گهر اندر پر اسرار نموني فوت ٿي وئي.

عورت جي سئوٽ سرتاج سومري الزام هنيو آهي ته ثمينا کي سندس مڙس سبحان ۽ ٻين ساهرن قتل ڪيو آهي.

پير ڳوٺ پوليس عورت جي ڏير کي حراست ۾ وٺي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

عورت جي ساهرن قتل جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته ثمينا ڪارو پٿر پي  آپگهات ڪيو آهي.

پير ڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي سئوٽ طرفان قتل جو الزام هڻڻ بعد عورت جي ڏير کي حراست ۾ ورتو آهي، وڌيڪ ڪارروائي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*