سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته نوازشريف جي نااهليءَ جي صورت ۾ اسيمبلين کي سزا نه ملڻ گهرجي

Agha-Siraj-18-1سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته نوازشريف جي نااهليءَ جي  صورت ۾ اسيمبلين کي  سزا نه ملڻ گهرجي ۽ انهن کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديليءَ جا افواهه ٻڌا آهن، مراد علي شاهه سٺو  ڪم  ڪري پيو کيس وقت ملڻ گهرجي.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن نواز شريف نااهل ٿئي ٿو ته ان جي سزا اسيمبلين کي نه ملڻ گهرجي ۽ انهن کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته  سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي جا افواهه مون به ٻڌا آهن، مراد علي شاهه سٺو ڪم ڪري پيو کيس وقت ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*