بيت القدس تي اسرائيلي والار خلاف اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم القدس جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

al quds

بيت القدس تي اسرائيلي والار خلاف اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم القدس جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون  ويون آهن.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سياسي، سماجي ۽ شيعا تنظيمن پاران اسرائيلي والار خلاف ريليون ڪڍيون ويون.

ڪراچي ۾ مذهبي پارٽين پاران ريلون ڪڍيون ويون آهن، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي آهي.

لاڙڪاڻي ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل سميت مختلف مذهبي تنظيمن پاران يوم القدس جي حوالي سان ريليون ڪڍي اسرائيلي جارحيت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

قمبر ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل  جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

ٺٽي ۾ به يوم القدس جي حوالي سان شاهه نجف امام بارگاهه ۽ حسيني مسجد کان ٻه ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.

باڊهه، شاهپور چاڪر، راڻيپور.کپرو ۽ ٻين شهرن ۾ به مذهبي تنظيمن پاران يوم القدس جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*