جيڪب آباد ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

jacobabad

جيڪب آباد  ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس امڙ سخت زخمي ٿي پئي.

باءِ پاس روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 17 ورهين جي نوجوان علي محمد جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾  نوجوان جي امڙ ڪريمان جکراڻي سخت زخمي ٿي پئي. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪرڻ  بعد فرار ٿي ويا آهن، جن  کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*