ڪراچي جي مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺلن جي چوري ڪندڙ جوابدار کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو

karachi masjid

ڪراچي جي مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺلن جي چوري ڪندڙ جوابدار کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو.

5 ڏينهن اڳ گلشن اقبال واري علائقي ۾ هڪ مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺلن جا موبائيل فونز چوري ڪندڙ جوابدار زبير کي جوڊيشمل ميئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار 19 جون تي گلشن اقبال جي الهد مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل   فرحان جو موبائيل چوري ڪيو هو، جنهن کي سي سي ٽي وي فٽيج ذريعي گرفتار گلشن اقبال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

عدالت جوابدار خلاف چارج شيٽ جو جائزو وٺڻ بعد کيس 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*